سنڌ جي وڏي وزير ڏانھن ھڪ خط۔۔۔۔علی بخش

مان وارا سائين سنڌ جا وڏا وزير صاحب
اسلام عليڪم
اميد ٿي ڪجي تھ اوھان خوش ھوندا . منھنجو نالو علي بخش بلوچ آھي ۽ مان سنڌ ڌرتيءَ جو رھواسي آھيان. گذريل ڪيترن نسلن کان اسان جو جسم سنڌو درياھ جو پاڻي پي وڏو ٿيندو رھيو آھي ۽ مرڻ کان پوءِ بھ اسان سنڌ ڌرتيءَ جي مٽي ۾ ملڻ تي فخر ڪندا آھيون.
ھي ڌرتي جنھن کي ڪڏھن صوفين جي ڌرتي چيو ويندو ھو، جنھن جا لوڪ قصا شاھ لطيف پنھنجي شاعري ۾ بيان ڪيا آھن، شاھ سائين جا بيت تھ سنڌ جي انھن انڌن فقيرن کي بھ زباني ياد آھن جن پنھنجي زندگيءَ ۾ ھڪ اکر بھ نھ پڙھيو آھي. ھي سچل جي ڌرتي سنڌ آھي. اھا سنڌ جتي قلندر جا فقير اگھاڙي پيرن سان ڌمالون ھڻي پنھنجي صوفين کي عزت ڏيندي نظر ايندا آھن، اھا سنڌ جتان جي ماڻھن بنا مذھب ۽ نسل جي ڀيڌ جي سڀئي کي سيني سان لڳايو. ايتري تائين جو اللھ جي محبوب جي خاندان وارن لاءِ جڏھن حجاز جو علائقو تنگ ٿيڻ لڳو تھ انھن بھ سنڌ ڌرتيءَ جو رخ ڪيو ڇو جو ٻنھي جھانن جي سرڪار کي سنڌ مان ٿڌي ھوا جا جھوٽا ايندا ھئا. اسان سنڌين کين شاھ ڪيو ۽ اڄ بھ آھن، جنھن جو ھڪ مثال اوھين پاڻ بھ آھيو.
پر افسوس جو وقت بدلجندي دير نٿو ڪري. جھڙي نموني ٻاھران کان ايندڙ ڦورو سنڌ کي ڦري ھليا ويندا ھئا، اھڙي ريت اڄ وري سنڌ جي اندر ويٺل ڦورو ان کي ڦري رھيا آھن ۽ ھاڻي ھتي ھوش محمد شيدي جھڙن جوڌن جي جاءِ مير جعفر ۽ مير صادق وٺي ڇڏي آھي. ملڪ جي سڀ کان وڏي شھر جتان ھر روز اربين روپين جي ڪمائي ٿيندي آھي، ان جي چانٽ تي ھڪ ڏھاڪي کان ٻوڏ سٽيل ڇنن ۾ دربدري واري زندگي گذارين پيا ۽ ڪنھن کي بھ انھن جي پرواھ نھ آھي. ان ڳالھ جو بھ ڏک اٿم تھ جنھن شھر ۾ آغا خان ھسپتال جھڙي وڏي ھسپتال ھجي ان شھر ۾ ھڪ ٻار نانگ ڪکي مري ٿو وڃي جو ھن کي ان جي وڪسين نٿي ملي.ادبي ميلن ۾ اربين روپيا لٽائڻ وارن کان اھو نٿو ٿئي جو ٿر جي بکين ۽ بدحال ٻارن تائين ان پھچائين. ھڪ پاسي اربين روپيا ڦرندڙ آرام سن ٻاھرين ملڪن ڏانھن ڀڄي وڃي اتي عزت سان رھن ٿا تھ ٻئي پاسي سنڌ جون نياڻيون اگھاڙن پيرن سان عدالتن جا چڪر ڪاٽي انصاف لاءِ رئو جھليو بيٺيون آھن.
مٿين سٽن مان اوھان اھو اندازو نھ ھڻجو تھ ڪو مان اوھان تي تنقيد پيو ڪريان، نھ بلڪل بھ نھ، پر مان تھ اوھان جي ھڪ اھڙي ڪم جي ساراھ ڪرڻ ٿو گھران جيڪو سڀني جي نظرن کان لڪي ويو آھي.
فارسي جو ھڪ شعر آھي تھ:
ڪبوتر بھ ڪبوتر باز بھ باز
ڪند ھم جنس بھ ھم جنس پرواز.
ھن ڪرپٽ نظام ۾ سنڌ جو ھڪ اھڙو ادارو بھ آھي جنھن ۾ ٻھ سال اڳ ھڪ اھڙو افسر آيو جيڪو ھن نظام ۾ ڪٿي بھ فٽ نھ پي ٿيو، جيڪو رشوت ۽ سفارش جي دور ۾ ميرٽ ۽ قابليت جي ڳالھ ڪندو ھو، ڇو جو سندس سموري حياتي محنت ڪندي ۽ پنھنجي قابليت تي اڳيان وڌندي گذري آھي. جيڪو سنڌ جي مادرِ علمي جي زمين تي ارغونن جھڙي قبضا مافيا سامھون شھيد مخدوم بلاول جيان ٿي بيٺو. جيڪو سنڌ يونيورسٽي کي ھيٺان کان قومي رينڪنگ ۾ ٻٽيھين نمبر تائين کڻي آيو، اھو بھ رڳو ٻن سالن ۾. سندس خدمتن جي ڪري کيس ڪيترا ئي بين الاقوامي ايوارڊ پڻ مليا آھن. ھن مني لانڊرنگ جي دور ۾ يونيورسٽي جي پائي پائي جو حساب رکيو آھي. ھو ڪنھن وڏيري جو پٽ نھ پر سنڌ جي ھڪ پيٺان پيل علائقي مان نڪري سنڌ يونيورسٽي جي وي سي جي عھدي تائين وڃي پھتو. ھن جي خواھش ھئي تھ ھي نظام مٽجي.
سائين وڏا وزير صاحب
اوھان کي مبارک ھجي ۽ جس لھڻو جو اوھان اھڙي ماڻھو کي نظام مان ئي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو. سنڌ جون ٻوٽيون پٽندڙ ڳجھون ڀلا ڪيئن چاھينديون تھ ھن ڌرتي جي ترقي ٿئي. ھن وي سي جي خلاف سازشيون ڪيون ويون، منھنجي خيال ۾ جن جي ڪابھ ضرورت نھ ھئي. کيس گھڻو اڳ ئي ھن عھدي تان ھٽائي ڇڏجي ھا. اسان کي ايان علي ۽ ڊاڪتر عاصم جي ضرورت آھي، نڪي ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي… اھي ئي اسان جي سسٽم ۾ فٽ آھن.
آخر ۾ اوھان کي مھرباني چوندس
فقط اوھان جو
علي بخش بلوچ، سنڌ جو ھڪ عام رھواسي.

Facebook Comments

علی بخش بلوچ
علی بخش جامشورو کے رہائشی ہیں ۔ سندھی زبان میں لکھتے ہیں

بذریعہ فیس بک تبصرہ تحریر کریں

Leave a Reply