• صفحہ اول
  • /
  • نگارشات
  • /
  • نواز شريف ۽ مريم نواز جي هاڻوڪي سياست کان پوءِ نئين پنجاب جو جنم۔۔۔۔سجاد ظہیر

نواز شريف ۽ مريم نواز جي هاڻوڪي سياست کان پوءِ نئين پنجاب جو جنم۔۔۔۔سجاد ظہیر

تبديلي پسندن جي حڪومت کي هڪ سال مڪمل ٿي چڪو آهي، سندن پاران ” يوم تشڪر“ ملهايو ويو، ٻئي پاسي مخالف ڌر پاران ”يوم سياهه“(ڪارو ڏينهن) طور ملهايو ويو ويو. تبديلي پسدن جي حڪومت کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ واري عرصي دوران بُک، بيروزگاري، بحالي ۽ معاشي بحرانن جهڙي ريت جنم ورتو آهي، انهي جو ڪاٿو اهي لڳائي سگهن ٿا، جن کي ماني جي ڊڳري 10 بجاءِ 20 رپين ۾ ملندي هجي. عمران جي رومانس ۾ کيس ووٽ ڪندڙ شايد اهو سمجهن پيا ته هوُ ڪرپشن کي ڪلين بولڊ ڪري ڇڏيندو. جيتوڻيڪ هوُ انهي پچ تي مختلف بحرانن سان ويڙهه ڪرڻ ۾ ناڪا رهيو آهي. عمران خان جي حڪومت ۾ ملڪ جو عوام ڪا تبديلي پسي سگهندو؟ اهو سوال ۽ انهي جو جواب شايد هاڻي تبديلي پسندن جي سرواڻ کي سمجهه ۾ اچي ويو هوندو، سندس وٽ ڪو جواب نه هوندو. ها ان نتيجي تي ضرور پهتو هوندو ته سندس سوڀ ۾ صرف عوام جا ووٽ شامل ڪونه هئا، پر ڪجهه من پسند قوتن جي پُٺ ڀرائي هُئي جن کيس پنهنجي ايجنڊائن لاءِ سوڀارو بڻايو. اهي سموريون عالمي ايجنڊا جون پاليسيون سندس حڪومت جو حصو رهيون. سندن منشور جو جائزو وٺجي ته ڪيترا اعلان فقط اعلان ۽ لکتي مواد کان سواءِ ڪجهه به نظر ڪين ٿا اچن. انهي جو جائزو وٺجي ته ڪيتريون ئي بي معنيٰ ڳالهيون ۽ نعرا بي نقاب ٿي وڃن ٿا.
سندس بقول ته هنن جي حڪومت ذميوار هوندي هرهڪ سوال جي پڇاڻي جوحق هر ووٽ ڏيندڙ شهري کي هوندو. انهي جو حق ڪيترو ملي سگهيو اهو سماجي رابطي جي ذريعين تي تحريڪ انصاف جي عام ڪارڪن ۽ اڳواڻ پاران تنقيدي سوالن جا جيڪي جواب جهري ريت گندن انداز ۽ بي تُڪن دليلن سان ڏنا وڃن ٿا. اها سندن حڪومت جي تمام وڏي ناڪامي سمجهي سگهجي ٿي. آئين يا منشور ۾ لکڻ ڪيترو نه آسان آهي پر ان تي عمل ڪرڻ حڪومت جون نظام سنڀالڻ کان پوءِ خبر پئي ٿي. پتو پئجي وڃي ٿو ته حڪومت هلائڻ جو حڪم ڪٿي ٻي جڳهه تان اچي ٿو. هيٺين سطح تي ماڻهن سان رابطو ۽ ڳالهه ٻڌڻ کان ويندي انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ٺلها آسرا ئي آهن. جيڪي غريب عوام کي اڄ تائين جڙندڙ سمورين حڪومتن وٽان ملندا رهيا آهن.
انصاف جنهن جي لاءِ عام ماڻهو مايوسي جو شڪار بڻجي ويو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ ٿاڻن ۾ عام ماڻهن سان رويو، عدالتن جو نظا هيءُ سمور عمل جهڙوڪ جڪڙيل نظر اچي ٿو. صحافتي آزادي جي ڳالهه ڪندڙ تبديلي پسندن جو منشور ميڊيا پورهيتن لاءِ ملڪ جي تاريخ ۾ تمام وڏو پورهيت دشمن جي طور سامهون آيو. عام ماڻهو کي ڳالهائڻ جو ڪو حق نه آهي. سندن مٿان ايوانن جي نمائندن جي تنقيد کين به ڳري لڳي ٿي. هن ئي مهيني جي شروعات دوران آءِ ايم ايف پاران پاڪستان کي ڏنل قرض جي رپورٽ ۽ لاڳو ٿيل شرط جنهن ۾ پڻ سال-24 2023ع جا انگ اکر تخميني جي لاڳت سميت شامل آهن. مستقبل ۾ هيءُ ملڪ ڪهڙي بحران ۾ جڪڙجندو اها مڪمل رپورٽ هنن حڪمران جماعت جي منهن تي ٻيڻي چماٽ ثابت ٿئي.پاڪستان جا اهي ادار جن تي هيءُ ملڪ بنياد رکي ٿو. ملڪ هلائيندڙ ڌريون، انصاف توڙي منصف ۽ 70 سالن کان قابض هيءُ آفيسر شاهي هن ملڪ کي عالمي ادارن وٽ قيدي بڻائيندڙن جي ڏوهه ۾ سڀ کان وڏا ڏوهاري آهن. سرڪار ۽ انهن کان مٿاهيون قوتن ۾ هلندڙ تضادن جو حل نه ٿيڻ ئي هن ملڪ جي سالميت لاءِ ماضي، حال ۽ مسقبل ۾ جڙندڙ حڪومتن لاءِ اڄ تائين رنڊڪ بڻيل آهن. سال مڪمل ٿيڻ تي سمورا سوال حڪومت کان پڇيا وڃن ٿا. پر عام ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ ۽ ڳڀي ڦرڻ وارا سوال الئه ڇو مخالف ڌُر جي زبانن ۾ اٽڪيل رهن ٿا.جنهن تي ڳالهائڻ يا ڄاڻي واڻي اهي سوال دٻايا وڃن. فقط ڪو هڪ اڌ نمائندي جي زبان تي ايندا هجن باقي سمورا نمائندا اهي چاهي مخالف ڌر يا حڪومت جا هجن، ٻئي گڏيل طور تي انهن عام ماڻهن جي سوالن تي سواليه نشان بڻيل آهن. اهو سچ آهي ته هيءُ حڪومت سال ۾ ڪجهه به نه ڏئي سگهي آهي.
ٻئي پاسي مخالف ڌر جنهن، موجودهه حڪومت کي هڪ سال پورو ٿيڻ تي ڪارو ڏينهن ملهايو، آهي. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته هن حڪومت جي سخت عوام دشمن پاليسين خلاف هڪ مضبوط تحريڪ جي ضرورت هُئي جنهن جي شروعات هن ئي سال پهرين مهيني کان ٿيڻ گهرجي ها. پر فقط مسلم ليگ(ن) جي قيادت جنهن جو موقف سخت آهي، باقي ٻين ڌرين مثال طور پيپلز پارٽي جو جائزو وٺجي ته سخت مخالف ڪندي ڪندي ان جي قيادت اهڙا يو ٽرن وارا بيان جاري ڪري ٿي جيڪي مخالف ڌر بجاءِ ڪمپرومائزڊ حمايتن جا پُٺڀرائيلڳن ٿا. آمريڪا جي دوري تي پ پ جي اعليٰ قيادت بلاول ڀٽو زرداري جو غير مشروط حمايت وارو بيان مخالف ڌر ۾ موجود تضادن کي جنم ڏئي ٿو. جيتوڻيڪ سموري خرابي ۽ ماليادتي ادارن جا ڳرا شرط ۽ ڊالر ۾ رڪارڊ واڌ کان پوءِ آمريڪا جي دوري جي غير مشروط حمايت پ پ قيادت جي ڪهڙي مخالف ڌر واري ڪردار جي موقف کي فائدو ڏئي ٿي. ان جي وضاحت جي ڪابه ضرورت نٿي بچي. ساڳي طور سينيٽ چيئرمين واري مسئلي تي مخالف ڌر مطلب پيپلز پارٽي هٽائڻ واري عمل جي حمايت ڪندي رهي آهي، جڏهن ته آصف ذرداري جو بيان ته سينيٽ چيئرمين کي نه هنن آندو نه ئي هٽائيندا، پڻ مخالف ڌر ۾ موجود تضادن کي جنم ڏئي ٿو. ثابت ڪري ٿو ته جيڪڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي کي ڪو سگنل ملي پوي ته هوند هوُ انهي گڏيل سيٽ اپ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهن.
مخالف ڌر جنهن 25 جولائي تي سموري پاڪستان ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو. ڪراچي، لاهور، ڪوئٽا ۽ پشاور ۾ حڪومت مخالف جلسا منعقد ڪيا ويا. جن کي مخالف ڌر جي اڳواڻڻ بلاول ڀٽو، زرداري، مريم نواز، فضل الرحمٰن، اسفند يار ولي ۽ محمود خان اچڪزئي سميت مختلف اڳواڻن خطاب ڪيو. حڪومت خلاف بغاوت ۽ جيل ڀريو تحريڪ جهڙا نعرا سامهون آيا آهن. جلسن ۾ ڪيل تقريرن جو جائزو وٺجي ته انهي ڳالهه کان ڪو به انڪار نه آهي تههن حڪومت ۾ ماڻهن جو جيئڻ جنجال آهي، معيشت تباهه،جمهوريت، پارلياميٽ، صحافت جي آزادي متاثر ٿي آهي جڏهن ته انساني حقن جي لتاڙ ۽آبادگار پريشاني ۾ مبتلا آهن. موجودهه حڪومتادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. عوام سان گڏ ملڪ جي سالميت پڻ نشاني تي آهي.
مخالف ڌر ۽ حڪومت جو تجزيو ڪجي ته مخالف ڌر اڃا وڌيڪ سگهارو ڪردار ادا ڪري سگهي، سخت تنقيد وارو رويو ۽ حقيق عوامي احتجاج حڪومت جي ڪجي نظام کي جام ڪري سگهي ٿو، مخالف ڌر جي جلسي کان پوآيل گڏيل موقف حڪومت لاءِ پڻ چئلينج ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن ڪابه وڏي پارٽي وچ ۾مفاهمت واري راڳ کان پاسو ڪري ته حڪمران جماعت لاءِ هڪ ڏکيو وقت ثابت ٿي سگهي ٿو. حڪومتي ڌر جنهن جي نعرن، بيانن ۽ اعلانن گهڻن کي ئي متاثر ڪيو هو، ائين پئي لڳو ڄڻ عمران خان احتساب جو وزن ڪلهي تي کڻي هلي پيو. ٻاهريون پئسو، ٽيڪس جو نظام سمورا نعرا واچوڙي مثل بڻجي چڪا آهن، آيا ئي گُم ٿي ويا. پاڪستان کان ٻاهر رهندڙ ( جيڪي پاڻ کي پاڪستاني سمجهن ٿا) هن وقت جيڪو نسل اتي پلجي ٿو انهن کي هن ملڪ جي غريب ماڻهن جي ڏکن، گٺل پيل نظام ۽ ٽٽل ڦٽل روڊ رستن جي ڪهڙي خبر ته هتي عام انسان ڪهڙي ريت ڀوڳنائن ۾ سفر ڪري ٿو. هندستان کان آيل آبادي پاڪستان ۾ هن وقت انهن جوٻيون ۽ ٽيون نسل شعور واري عمر ۾ آهي.غلطي سان انهن زبان تي جيڪڏهن ڪا سٺي راءِ پاڙيسيري ملڪ لاءِ اچي ٿي کين غداري جي لقبن سان نوازيو وڃي ٿو. ساڳي وقت اهي پاڪستاني جيڪي هن ملڪ کي ڇڏي آمريڪا جي رنگينن ۽ روشنين ۾ زندگي گهارين ٿا. انهن جي پاڪستان بابت ڳالهائڻ تي حڪومت کي ضرور سوال پڇڻ گهرجي. انهن کي هتان جي سياست توڙي سماج جي جوڙ جڪ تي ڳالهائڻ جي ڪابه آزادي نه هجڻ گهرجي. ڇاڪاڻ جو انهن جو هتان جي سياسي، سماجي ۽ معاشي بيهڪ ۾ ڪو به ڪردار نه آهي. نه ئي هوُ هاڻي هتان جا شهري آهن.
حڪومت توڙي مخالف ڌر ٻنهي کي جيڪڏهن هن ملڪ جي ماڻهن جي پرگهور لهڻي آهي ته بي ڊپو ٿي هڪ ٻئي تي تعميري ۽ تعبيري تنقيدي جو دروازو کليل رکڻ گهرجي. عام ماڻهن کي سندن ضرورت جون شيون سستيون ڪري ڄڻ واري ويڙهه تي هر انهي ڌر جي مخالفت ٿيڻ گهرجي جيڪي عوام کان سندن گرهه کسڻ تي سندرو ٻڌيون بيٺيون آهن. جمهوري ادارن جي بحالي ۽ شهرين جي حقن جي تحفظ تائين ويڙهه جاري رکڻ گهرجي. مخالف ڌُر جو حقيق ڪردار ئي جمهوريت جي بالادستي ۾ بنياد بڻبو.
اڄوڪي ڪاوش 27 جولائي 2019ع ، ڇنڇر

Facebook Comments

بذریعہ فیس بک تبصرہ تحریر کریں

Leave a Reply